قومي اسيمبلي ۾ شهباز شريف جي تقرير دورارن ڇڪتاڻ

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي تقرير دوران حڪومتي ميمبرز پاران احتجاج ڪرڻ تي ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرز هڪ ٻئي خلاف سخت نعريبازي گٿا لفظ استعمال ڪيا، اسپيڪر خاموش رهڻ جونه هدايتون ڪندو رهيو پر ميمبرز هڪ ٻئي خلاف نعريبازي ڪندا رهيا، شهابز شريف چيو آهي ته اڄ ملڪ ۾ بدترين ڪرپشن جو راڄ جاري آهي، ڪا به پوسٽنگ ۽ بدلي بنا ڪرپشن جي نٿي ٿئي، نواز شريف جي قيادت ۾ ڊينگي جو مقابلو ڪيو،هاڻي گردشي قرض ۾ پي پناهه اضافو ٿي ويو آهي، شهباز شريف تقرير ڪندي چيو ته اڄ 12 سئو جو ڪورونا بجيٽ ڪرپشن جي ور چڙهي ويو، اسان جي حڪمرانن کي عوام جو احساس ناهي، ٽن مهينن ۾ ڪرپشن جي خاتمي جو دعويٰ ڪئي وئي هئي اها ڪاٿي آهي، عمران خان آيو ته جي ڊي پي منفي ٿي وئي، ڪٿي آهن اهي 300 ارب جيڪي پاڪستان آڻڻا هئا، ٽن سالن ۾ مالياتي خسارو 10 ارب تائين وڌي ويو، 50 لک گهر ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون اهي ڪاٿي آهن، ٽن سالن ۾ ڊالر مهانگو ٿي ويو ۽ ملڪي ڪرنسي گهٽجي وئي. 2 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ اچي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو