اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻ جمعي جي ڏينهن اسپيڪر راجا پرويز اشرف طلب ڪري ورتو.ذريعن موجب اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن، وزيرن ۽ صلاحڪارن کان علاوه آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ خاص طور تي شرڪت ڪندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته فوجي اختيارين ملڪي سلامتي کي درپيش اندروني ۽ بيروني چئلينجز تي بريفنگ ڏيندو.










