اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي کان پوءِ سينيٽ به سروسز ايڪٽ ترميمي بل 2020 منظور ڪري ورتو آهي. چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ وزير دفاع پرويز خٽڪ آرمي، نيوي ۽ ايئرفورس ايڪٽ ۾ ترميم متعلق سروسز ايڪٽ بل 2020 الڳ الڳ منظوري لاءِ پيش ڪيو جنهن کي ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. ان موقعي تي اپوزيشن جي جميعت علماءَ اسلام (ف) وارن احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪيو جڏهن ته جماعت اسلامي، محمود خان اچڪزئي جي پشتونخواه ملي عوامي پارٽي ۽ نيشنل پارٽي جي حاصل بزنجو وارن چيئرمين جي روسٽرم آڏو سخت احتجاج ڪيو. عثمان ڪاڪڙ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) کي ڏوراپا ڏيندي چيو ته اوهان پنهنجي ڪارڪنن سان غداري ڪري رهيا آهيو. نيشنل پارٽي جي سينيٽر اشوڪ ڪمار پارٽي خلاف بغاوت ڪندي حڪومت کي ووٽ ڏنا. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي کان آرمي ترميمي ايڪٽ بل اڪثريت سان منظور ڪيا ويا هئا جنهن کان پوءِ اهي بل سينيٽ ۾ پيش ڪيا ويا. سينيٽ اجلاس ۾ معمول جي ڪارروائي معطل ڪندي وفاقي وزير پارلياماني امور اعظم خان سواتي آرمي، ايئرفورس ۽ نيوي ايڪٽ ۾ ترميم جا بل پيش ڪيا جنهن کي قائمه ڪميٽي دفاع کي موڪليندي. سينيٽ ۾بل پيش ڪرڻ وقت جمعيت علماءِ اسلام (ف)، نيشنل پارٽي، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ جماعت اسلامي جي سينيٽرن سيٽن تي بيهي بل جي مخالفت ۾ نعرا لڳايا. نيشنل پارٽي جي ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار پارٽي فيصلي جي خلاف ورزي ڪندي بل پيش ڪرڻ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو. جنهن کان پوءِ سينيٽ جي قائمه ڪميٽي براءِ دفاع جو اجلاس سينيٽر وليد اقبال جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ آرمي، ايئرفورس ۽ نيوي ايڪٽ جي ترميمي بلن تي غور ڪرڻ کان پوءِ ڪميٽي بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ 28 نومبر تي وفاقي حڪومت طرفان آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيندي 6 مهينن ۾ قانون سازي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.










