اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوال جوابن جي وقفي دوران اپوزيشن جو گوڙ ۽ احتجاج، اپوزيشن ميمبرز طرفان اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ۽ نعريبازي، وفاقي وزير فواد چوڌري اجلاس ۾ اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته نواز ليگ خلاف پيپلز پارٽي سازش ڪري رهي آهي، پاڪستان ڊاڪو موومينٽ وارا ڀلي گوڙ ڪن، عمران خان اُنهن کي نه ڇڏيندو، چورن کي چوريءَ جي سزا ضرور ملندي، قومي اسيمبلي جو اجلاس جاري آهي، وفاقي وزير فواد چوڌري جي تقرير تي اپوزيشن طرفان ڀرپور احتجاج ڪيو ويو.










