ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ وڌيڪ سرپرائز ڏيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ پرويز خٽڪ بي اعتمادي جي رٿ رد ڪرڻ ۽ اسيمبلي ٽوڙڻ تي ردعمل جو اظهار ڪيو پرويز خٽڪ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ڇا توهان مان مزو ماڻيو؟ وڌيڪ سرپرائز لاءِ تيار رهو، اڳوڻي وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾”بيهائينڊ يو اسڪپر“هيش ٽيگ پڻ استعمال ڪيو .










