قمبراڻي ۽ معرفاڻي تڪرار نبيرڻ لاءَ ڌرين ڏانهن منٿ ميڙ قافلو

قمبراڻي ۽ معرفاڻي تڪرار نبيرڻ لاءَ ڌرين ڏانهن منٿ ميڙ قافلو

ڳڙهي ياسين (شفيق مهر) ضلعي شڪارپور ۾ ناسور بڻيل معرفاڻي قمبراڻي تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ تحريڪ رواداري جي سڏ تي سول سوسائٽي ، جسم اڳواڻ ۽ ساڃهه وند ڌرين جا ماڻهو نياڻيون ۽ شاهه جو رسالو ساڻ ڪري ڳڙهي ياسين تعلقي جي ڏيول قمبراڻي ۽ حاجي نواز معرفاڻي جي ڳوٺ پهتيون . پهريو قافلو قمبراڻي ڌر جي چڱي مڙس ڏيول قمبراڻي ۽ احمد قمبراڻي وٽ پهتو آيل ميڙ کي مان ڏيندي هن چيو ته معرفاڻي برادري جا ماڻهو اسان جي 250 جريب زمين قبضو ڪري ويٺا آهن ، هو پنهنجا ماڻهو موڪلي اسان جون چوريون ڪرائين ٿا ، ڪجهه فيصلا ٿيا آهن جنهن تي معرفاڻي عمل ڪونه ٿا ڪن ، هنن چيوته هاڻي فيصلو تڏهن ٿيندو جڏهن ايم اين اي غوث بخش  مهر ۽ سردار مير منظور پنهور ضمانت ڏين ته هو ٻيهر چوريون نه ڪندا ۽ اسان جي قبضي ڪيل زمين واپس ڪندا. ساڳيو ئي منٿ ميڙ قافلو جيئن ئي ڳوٺ سالارو معرفاڻي پهتو ته معرفاڻي برادري جي چڱي مڙس محمد نواز معرفاڻي ۽ ٻين معززين منٿ ميڙ قافلي جو آڌر ڀاءُ ڪيو ، ان موقعي تي حاجي محمد نواز معرفاڻي ميڙ بابت ٻڌايو جنهن تي محمد نواز معرفاڻي قافلي کي مان ڏيندي چيو ته قمبراڻي برادري سان چانڊيا ، کوسا ، بکراڻي ، عيساڻي ۽ ڪجهه ٻيو ڌريون ساٿ ڏيندي جهيڙا ڪري رهيون آهن ، جڏهن ته قمبراڻي برادري فيصلي جي ڀڃ ڪڙي ڪندي اچي ٿي. هن چيو ته فيصلا ته ڪيا وڃن ٿا پر انهن تي عمل درآمد نه ڪيو وڃي جنهن جي ڪري ڌرين ۾ تڪرار ڪر کڻي ٿو ، اسان فيصلي تي راضي آهيون ۽ چاهيون ٿا ته فيصلو جيڪو ٿئي اُهو پائيدار ٿئي ۽ دلين مان نفرتون ختم ٿين ، ان موقعي تي رواداري تحريڪ پاڪستان جي صدر سيمسن سلامت، جسم جي مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو ڌرين کي شاهه جو رسالو ۽ پاڪ ڪلام جا واسطا ڏيندي چيو ته خوني ويڙهاند ۾ بيگناهه ماڻهن جو رت وهايو پيو وڃي ، ان خوني راند کي بند ڪري پنهنجي نوجوانن کي تعليم سان سنواريو وڃي ۽ علائقي جو امن امان بحال ڪري هن علائقي کي پرامن بڻايو . ان موقعي تي  انسان نيٽ ورڪ چيئر پرسن زبيده ڪنول بلوچ ، تاج رند ، پنهل ساريو، ديدار ميراڻي ، دلشير ميراڻي ، ليکڪ حمير چانڊيو ، ناياب سرڪش ، شڪارپور بچايو تحريڪ جي صدر عبدالوهاب ڪاغذي ۽ ٻيا ميڙ منٿ قافلي ۾ گڏ هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو