اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن جي آرٽيڪل 144 جي ڀڃڪڙي ڪيس ۾ ضمانت ۾ 27 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال ڪئي.ٻڌڻي دوران عمران خان جو وڪيل بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو.سيف الله نيازي، صداقت عباسي، شهزاد وسيم ۽ فيصل جاويد به عدالت پهچي ويا.عدالت عمران خان، اسد عمر، اسد قيصر ۽ فيصل واوڊا جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي جوابدار جي ضمانت ۾ 27 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.










