دوحا(ويب ڊيسڪ)قطر جو اڳوڻو امير، شيخ حمد بن خليفه آل ثاني، 74 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي تصديق اميري ديوان ڪئي آهي.
آچر تي جاري ڪيل بيان ۾ اميري ديوان چيو: “الله تعاليٰ جي تقدير ۽ فيصلي تي پختي ايمان سان اسان پنهنجي ملڪ جي هن وڏي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪريون ٿا. الله تعاليٰ مرحوم تي پنهنجي رحمت نازل فرمائي. والد امير، عزت مآب شيخ حمد بن خليفه آل ثاني، اڄ صبح وفات ڪري ويا.”
قطر حڪومت آچر کان چار ڏينهن جي سرڪاري سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. ان دوران سرڪاري ادارا ۽ عوامي کاتا بند رهندا، جڏهن ته قومي جهنڊو اڌ هيٺ ڦڙڪايو ويندو.
شيخ حمد، جن 1995ع کان 2013ع تائين قطر تي حڪمراني ڪئي، ملڪ جي ترقيءَ جا اهم معمار سمجهيا وڃن ٿا. سندن دورِ حڪومت ۾ قطر معاشي، سماجي ۽ ثقافتي شعبن ۾ غيرمعمولي ترقي ڪئي، جنهن سبب عالمي برادريءَ ۾ ملڪ جو وقار ۽ حيثيت وڌيڪ مضبوط ٿي.
شيخ حمد وڏي پيماني تي معاشي سيڙپڪاري جي نگراني ڪئي ۽ ڪيترن ئي ملڪن سان وسيع شراڪتون قائم ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ قطر دنيا جو مائع قدرتي گيس (LNG) جو سڀ کان وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو.
اڄ قطر جو سياسي اثر رسوخ اتر آفريڪا، وچ اوڀر ۽ ايشيا سميت دنيا جي ڪيترن ئي علائقن تائين پکڙيل آهي. 2022ع ۾ قطر مردن جي فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪئي، جيڪا دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويندڙ فٽبال ٽورنامينٽ آهي. ان ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ دوران اسٽيڊيم ۾ موجود شوقينن شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جو زوردار تاڙين سان استقبال ڪيو.
سندن دورِ حڪومت دوران 1996ع ۾ الجزيره نيوز چينل جو بنياد وڌو ويو، جيڪو ڪجهه ئي سالن ۾ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ اثرائتن ميڊيا نيٽ ورڪن مان هڪ بڻجي ويو.
شيخ حمد جي حڪمرانيءَ دوران 2004ع ۾ قطر جو پهريون مستقل آئين لاڳو ڪيو ويو. ان سان گڏ بلدياتي چونڊون به متعارف ڪرايون ويون، جن ۾ عورتن کي نه رڳو ووٽ ڏيڻ پر اميدوار طور چونڊ وڙهڻ جو به حق ڏنو ويو.
2013ع ۾ هن اقتدار پنهنجي پٽ ۽ ولي عهد شيخ تميم بن حمد آل ثاني حوالي ڪيو، جيڪو ان وقت 33 ورهين جو هو. خليجي عرب ملڪن جي موروثي حڪمرانن ۾ اهڙي رضاڪارانه اقتدار جي منتقلي هڪ نادر مثال سمجهيو ويندو آهي.
دنيا جي اڳواڻن پاران تعزيتي پيغام
شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي وفات تي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي اڳواڻن تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.
مصري صدر عبدالفتاح السيسي ايڪس (ٽوئيٽر) تي لکيو: “ڀائرن واري رياست قطر، ان جي امير، حڪومت ۽ عوام سان امير، عزت مآب شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي وفات تي دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪريان ٿو. الله تعاليٰ مرحوم تي رحمت نازل فرمائي.”
پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري پڻ شيخ حمد جي وفات تي “گهري ڏک ۽ افسوس” جو اظهار ڪيو. صدر هائوس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، صدر زرداري هن ڏکوئيندڙ موقعي تي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني، قطر حڪومت ۽ ڀائراڻي عوام سان دلي تعزيت ڪئي.
بيان ۾ چيو ويو ته صدر زرداري مرحوم شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي دور انديش قيادت کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هن قطر جي ترقي ۽ خوشحالي سان گڏ علائقائي امن، استحڪام ۽ گڏيل سهڪار جي فروغ لاءِ به قيمتي خدمتون سرانجام ڏنيون.
متحده عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نهيان پڻ تعزيتي پيغام جاري ڪيو. هن ايڪس تي لکيو: “مان پنهنجي ڀاءُ شيخ تميم بن حمد آل ثاني ۽ سندس خاندان سان سندس والد، شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي وفات تي دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪريان ٿو. الله تعاليٰ مرحوم تي پنهنجي رحمت نازل فرمائي، کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري، ۽ هن ڏکئي وقت ۾ سندس خاندان کي صبر ۽ همت نصيب فرمائي.”










