برطانوي وزير داخلا سان ملاقات،امريڪي هم منصب کي فون

برطانوي وزير داخلا سان ملاقات،امريڪي هم منصب کي فون

لنڊن( ڊيسڪ رپورٽ) پاڪستان جي وزير خارجا شاهه محمود قريشي جي برطانوي وزير داخلا سان ملاقات ۽ امريڪي هم منصب مائيڪ پومپيو سان فون تي ڳالهه ٻولهه، خطي جي امن ۽ سلامتي، دهشتگردي جي روڪٿام، افغانستان امن ڳالهين ۽ ٻطرفن لاڳاپن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. لنڊن ۾ پاڪستان هاءِ ڪميشن مان جاري ڪيل بيان موجب قريشي امريڪي هم منصب کي فون تي پاڪستان سرڪار پاران فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي ضرورتن موجب ورتل اپائن کان آگاهه ڪيو ۽ شدت پسندن جي مالي معاونت روڪڻ بابت نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت ۽ پاڪستان م معاشي سڌارن بابت آگاهه ڪيو. هن کيس افغان امن پروسس بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن ۾ تعاون جاري رکڻ بابت خواهش جو اظهارڪيو. ان کان اڳ هن پاڪستاني نزاد برطانوي وزير داخلا ساجد جاويد سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ، مني لانڊرنگ، غيرقانوني لڏ پلاڻ ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل درآمد لاءِ گڏيل سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو