ڀرياسٽي (شمشاد علي منگي) ڀرياروڊ گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول ڀرسان ھڪ مھينو اڳ ياسين ڪالوني جي 55 ورھين جي شھري مستري اقبال آرائين جي قتل ڪيس ۾ ڀرياروڊ پوليس ڳوٺ سوڍو چانڊيو ۾ ڪارروائي ڪري مستري اقبال جي قتل ۾ ملوث ڄاڻايل جوابدار 15 سالا نوجوان محمد علي چانڊيو کي گرفتار ڪري ڀرياسٽي جي جي فرسٽ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويوهو. عدالت جوابدار کي ٽن ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي ڀرياروڊ پوليس حوالي ڪيو ھو۔ جنهن بعد اڄ ٽن ڏينھن جو رمانڊ پورو ٿيڻ بعد جوبدار کي ڀرياسٽي جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي۔ عدالت جوابدار محمد علي چانڊيو جي وڪيل جو موقف ٻڌڻ بعد سندس عمر 15 سال ھجڻ ڪري کيس 50 ھزار جي مچلڪن عيوض ضمانت ڏئي ڇڏي آھي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي وڪيل عرفان علي لھراڻي ٻڌايو ته جوابدار جي عمر گھٽ ھجڻ ڪري کيس عدالت سڳوري 50 هزار جي مچلڪن عيوض ضمانت ڏني آھي. ڪيس جو فائنل چالان پيش ٿيڻ بعد ئي عدالت سڳوري وڌيڪ ڪيس ھلائيندي۔ ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مقتول پيرسن جي پٽ اعجاز انجم ٻڌايو ته منھنجي والد کي 4 کان مٿي جوابدارن بيدردي سان گلو ڪپي قتل ڪيو آھي ۽ ڀرياروڊ پوليس ڊرامائي انداز ۾ ڳري رشوت عيوض صرف ھڪ جوبدار کي گرفتار ڪيو ويو جنھن پڻ ڏوھ جو اعتراف ڪيو۔پر عدالت جوبدار کي 50 ھزار جي مچلڪن جي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو آھي ۔اسان سان انصاف ڪيو وڃي.










