قتل ۾ ملوث 2 سڳن ڀائرن کي عمر قيد جي سزا

قتل ۾ ملوث 2 سڳن ڀائرن کي عمر قيد جي سزا

نوشهروفيروز(مشتاق مري) قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2 سڳن ڀائرن کي عمر قيد ۽ 70 هزار ڏنڊ جي سزا. نوشهروفيروز جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ عبدالوحيد شيخ جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2 جوابدارن جهانگير ۽ صاحب ڏنو سولنگي کي عمر قيد ۽ 70 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ وڌيڪ قيد ڪاٽيندا. واضح رهي ته 4 سال اڳ نوشهروفيروز ٿاڻي تي فريادڻ مسمات زينت ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته منهنجي ڌي مسمات حميدان جي شادي جهانگير سولنگي سان ٿيل هئي جنهن مان هن کي اولاد نه پئي ٿيو جنهن ڪري مڙس ان تي تشدد ڪندو هو. منهنجي ڌيءَ تشدد مان تنگ ٿي ڪري طلاق لاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي جنهن تان جوابدار جهانگير سولنگي، صاحب ڏنو، پيارو ۽ محمد اسحاق سولنگي منهنجي مڙس محمد عرس سولنگي کي پسٽل جا سڌا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. اڄ ٻڌڻي دوران عدالت دليل ٻڌڻ بعد جوابدار جهانگير سولنگي ۽ صاحب ڏنو سولنگي کي عمر قيد ۽ 70 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. جڏهن ته ساڳي ئي ڪيس ۾ 2 جوابدار پيارو ۽ محمد اسحاق سولنگي روپوش آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو