قتل ڏوهه ۾ ملوث انسپيڪٽر کي پٽ سميت عمر قيد جي سزا

قتل ڏوهه ۾ ملوث انسپيڪٽر کي پٽ سميت عمر قيد جي سزا

جيڪب آباد (عبدالنبي) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ايڪسائيز انسپيڪٽر ۽ سندس پٽ کي عمر قيد ۽ 5 پنج لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جيڪب آباد جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ذوالفقار علي شيخ جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي عدالت 4 سال اڳ قتل ٿيل نوجوان رضوان جکراڻي جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ايڪسائيز انسپيڪٽر جوابدار ماھوت عرف فياض جکراڻي سندن پٽ اويس احمد جکراڻي کي عمر قيد ۽ پنج پنج لک رپيا وارثن کي معاوضو ڏيڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ ھڪ ھڪ سال قيد جي سزا ڀوڳيندا جڏهن ته غيرقانوني ھٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ ايڪسائيز انسپيڪٽر جوابدار ماھوت عرف فياض جکراڻي کي 8 سال ۽ اويس احمد کي 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. ياد رھي ته 24 جولائي 2016 تي ڳوٺ سجاد خان جکراڻي ۾ جوابدار ماھوت عرف فياض پنهنجي پٽ اويس جکراڻي سان گڏجي گھريلو ناچاڪي تي پنهنجي ناٺي رضوان جکراڻي کي قتل ڪيو هو جنهن جي قتل جو ڪيس سندس چاچي خير جان جکراڻي جي فرياد تي مولاداد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو