قاسم سوري پاران استعيفائن جي منظوري غير قانوني قرار

قاسم سوري پاران استعيفائن جي منظوري غير قانوني قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري پاران پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن جي گڏيل استعيفيٰ منظور ڪرڻ واري فيصلي کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو فيصلو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پي ٽي آءِ جون استعيفائون منظور ڪرڻ جي فيصلي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران ٻڌايو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله پي ٽي آءِ جي وڪيل فيصل چوڌري جي لارجر بينچ آڏو ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. 11 اپريل تي پارليامينٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف گڏيل اپوزيشن جي بي اعتمادي واري رٿ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ جي سمورن اسيمبلي ميمبرن اجتماعي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي. اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر ۽ وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري 15 اپريل تي پي ٽي آءِ جي 123 اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون. بعد ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف فيصلو ڪيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ جي 123 ايم اين ايز جي استعيفيٰ جي تصديق جو عمل انفرادي طور تي يا ننڍن گروپن ۾ سڏائيندي ڪيو هو. قومي اسيمبلي مان جمع ڪرايل اڪثر استعيفائون هٿ سان لکيل نه هيون ۽ پي ٽي آءِ جي ليٽر هيڊ تي به ساڳيو متن ڇپيل هو.

پهنجو تبصرو موڪليو