فيملي پلاننگ ميلو، عورتن ۾آگاهي ۽ مفت دوائون تقسيم

فيملي پلاننگ ميلو، عورتن ۾آگاهي ۽ مفت دوائون تقسيم

ميرخان (صفدر علي تنيو )ڳوٺ محبوب جو بنگلو ۾ پاپوليشن ويلفيئر کاتي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ طرفان فيملي صحت ميلو لڳايو ويو ميلي جو افتتاح ڳوٺ جي معزز شخصيت برڪت علي موريو ڪيو. لڳايل ميلي ۾ مختلف شين جا اسٽال پڻ لڳايا ويا. صحت ميلي ۾ پاپوليشن ويلفيئر ضلعي آفيسر ڪريم بخش ڀٽو تعلقي آفيسر غلام اصغر عباسي اورنگزيب ڀٽو ليڊي ڊاڪٽر نرملا اوڏ فيلڊ ٽيڪنيڪل آفيسر نسيم بيگم رند سميت عورتاڻي بيمارين جي ماھر ليڊيز اسٽاف شرڪت ڪئي ڪئمپ تي 300 کان وڌيڪ عورت مريضن جي چڪاس ڪري مفت علاج ڪندي دوائون ڏنيو ن ويون. جڏهن ته 170 مريض عورتن کي فيملي پلاننگ جو علاج وقفي لاء ڪيپسول انجيڪشن سميت ٻيون دوائون ڏنيون ويون پاپوليشن کاتي طرفان لڳايل فيملي صحت ميلي ۾ سرسو اداري جي ٽيم سوشل آرگنائيزر تحسين مگسي ايل ايڇ وي ارم ۽ ڪائنات طرفان پڻ الڳ ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ 30 کان وڌيڪ مريض عورتن کي ٻار پيدا ڪرڻ ۾ وقفي ڪرڻ جون انجيڪشن ڪيپسول ۽ ٻيون دوائون ڏنيون ويون ان موقعي تي لڳايل فيملي صحت ميلي ۾ محمد اسماعيل لنجواڻي محمد نواز ميمڻ آصف ميمڻ عبدالرزاق لغاري بلقيس ٻرڙو سيما ميمڻ رقيه وڳڻ ۽ پاپوليشن کاتي جي ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو