فيصلو اچڻ کانپوءِ نيازي کي فوري نااهل ڪيو وڃي:شرجيل ميمڻ

فيصلو اچڻ کانپوءِ نيازي کي فوري نااهل ڪيو وڃي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا جي ميمبرن شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاھ، سيده شهلا رضا، نواب تيمور ٽالپر ۽ قاسم نويد چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن تاريخي فيصلو ڏنو آهي، ثابت ٿي ويو ته عمران خان انٽرنيشنل چور آهي، جنهن نہ صرف قوم کي ڌوڪو ڏنو آهي، پر پوري دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي جذبن سان کيڏڻ ۾ ڪائي ڪسر ناهي ڇڏي. پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم سڀ کان وڏو مني لانڊرز نڪتو . هنن چيو ته وفاقي حڪومتي جا ادارا ايف آءِ اي سميت نيب، ايف بي آر، اسٽيٽ بينڪ کي فوري طور تي تحرڪ ۾ آندو وڃي . ان سان گڏ عمران خان ۽ سندس ساٿارين جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيا وڃن ته جيئن اهي ماڻهو ملڪ مان فرار نہ ٿي سگھن. ھنن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو تہ معاملي جي وڌيڪ جانچ لاءِ جي آئي ٽي جوڙي وڃي ۽ قانون اجازت ڏئي تہ عمران خان کي گرفتار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن سنڌ اسيمبلي آڊيٽوريم ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير اطلاعات سنڌ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هي شخص پاڪستان لاءِ بدنامي جو ڪارڻ بڻيو آهي، هاڻي اسان جي ملڪ کي چيرٽي ڪير ڏيندو، هن شخص جي حرڪتن جي سبب پوري دنيا کي غلط پيغام ويو آهي. فيصلي مان ثابت ٿي ويو ته عمران خان کان وڏو چور، منافق ، ڪوڙو، ڌوڪي باز پاڪستان جي تاريخ ۾ پيدا ناهي ٿيو. هن چيو ته ثابت ٿي ويو ته عمران خان جا ذاتي مفاد هئا، شوڪت خانم ۽ پي ٽي آئي جي نالن سان فنڊز ورتا ۽ انھن ۾ ٻه نمبري ڪئي. ھنن جي چهري تان شرافت جو ماسڪ لهي چڪو آهي، هي شخص ھاڻي پاڪستان جي سياست لاءِ ناسور بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته آخر پاڪستان جي سياست ۾ اسرائيل ۽ انڊيا جا ماڻهو ڇو فنڊنگ ڪري رهيا آهن، عمران خان انھن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي. هي شخص فرح گوگي ۽ عارف نقوي جهڙن ڊڪليئرڊ ماڻهن جو دفاع ڪندو رھي ٿو . صوبائي وزير چيو ته اڄ جي فيصلي جي روشني۾ عمران خان تي پابندي لڳڻ گهرجي. هي شخص صادق ۽ امين ناهي رهيو. هي شخص جيڪو صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ کڻي هلندو هو. اسان تہ ان وقت ئي چيو هو ته هي صادق ۽ امين ناهي. هن چيو ته عمران خان هسٽري شيٽر ۽ ڪارپوريٽ ڪرمنل شخص آهي. ھن شخص ۽ ان جي ساٿارين کي سخت سزا ڏني وڃي ۽ ان ڪيس کي مثال بڻايو وڃي . هن چيو ته پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم سڀ کان وڏو مني لانڊرر نڪتو. پوري دنيا جي ملڪن ۾ ڪمپنيون ٺاهي ڪري پيسا جمع ڪرايا ۽ هي پيسا پنهنجي ذات لاءِ استعمال ڪندو رهيو. هن چيو ته عمران خان جا پوڻا چار سالن جي حڪومتي دور ۾ جيڪي بہ قدم کنيا ويا، انھن جي تحقيقات ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ھاڻي عمران خان جي نااهلي تي ڳالھ ختم نہ ٿيندي. نا اهل قرار ڏيڻ ڪنهن ڏوھ جي سزا نہ ٿي ٿي سگهي. ٻاھرين ملڪن کان اچڻ وارا پيسا عمران خان پنهنجي عياشين تي اڏاريا. شرجيل انعام ميمڻ چيو تہ هي فيصلو ڪنهن جي آبزرويشن ناهي، هي فيصلو آئيني اداري جو فيصلو ڏنو آهي، جيڪو 8 سالن جي ڪارروائي کانپوءِ سامهون آيو آهي. هن چيو ته وفاقي وزير داخلا رانا ثناء الله کي گذارش آهي ته انهن سڀني جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجهڻ جو فوري نوٽيفڪيشن جاري ڪن. ڇوته هاڻي وفاقي حڪومت تي لازم آهي ته انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هاڻي لاڊلو ازم جو خاتمو ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته عوام روڊن تي هوندي. قانون سڀن لاءِ هڪ جھڙو ھئڻ گھرجي. هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته ترت ئي پي ٽي آئي ڪالعدم تنظيم بڻجي ويندي، ضروري آهي ته ڪالعدم تنظيم جي سربراھ عمران خان ۽ ان جي جماعت تي پابندي لڳڻ گهرجي. هن چيو ته اڊيالا جيل جي صفائي ڪئي وڃي، شرجيل انعام مميڻ چيو ته هو پي ٽي آئي جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر جي جرت کي سلام پيش ڪن ٿا، جنهن اٺن سالن تائين ھن ڪيس جي پيروي ڪئي ۽ ثابت قدم رھيو. جڏهن ته اڪثر ڪيسن ۾ ماڻھون ھڪ ٻن ٻڌڻيڻ کان پوءِ ھمت ھاري وينھندا آھن . هن چيو ته عمران خان ۾ اخلاقي جُرتَ آهي ته فوري طور تي چيئرمين جي عهدي تان استيعفيٰ ڏي ۽ پي ٽي آئي کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري. ھن چيو تہ پي ٽي آئي خلاف فيصلو فيصلو اچڻ کانپوءِ پي ٽي آئي وارا پنهنجي فيس سيونگ جي لاءِ اهڙا بيان جاري ڪري رهيا آهن. انهن جا چهرا بي نقاب ٿي چڪا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ ان جو ھاڻ وڌيڪ متحمل نٿو ٿي سگهي ته لاڊلي عمران خان کي هر دفعي نڪرڻ جو محفوظ رستو ڏنو وڃي. عوام ۾ هن وقت شديد ڪاوڙ آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تہ شوڪت خانم بهترين ادارو آهي، اهڙا 100 ادارا ملڪ ۾ هجڻ گهرجن. پر شوڪت خانم جي چيرٽي جي پيسن تي عمران عياشيون ڪيون آهن. شوڪت خانم اسپتال جو آڊٽ ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن ٻه نمبري ثابت ٿئي ته وفاقي حڪومت ان کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي. مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو ته هي ڪيس 2008 کان 2013 جو آهي. هن شخص ان وقت بہ ڪرپشن ڪئي، جڏهن هي اقتدار ۾ نه هو. عمران خان انٽليڪچول ڪرپٽ آهي. ڪوڙ ڳالهائي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرن چاهي ٿو. اعلیٰ سطحی جوائنٽ انٽيروگيشن ٽيم جوڙي وڃي ته جيئن وڌ يڪ شيون چٽيون ٿي سگھن . عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير سيده شهلا رضا چيو ته ٻئي تي الزام لڳائڻ وارو وڏو ڌاڙيل ۽ چور نڪتو. عمران خان آئين جي ڀڇڪڙي ڪئي ۽ اڪائونٽ لڪايا. اڄ ثابت ٿي ويو آهي ته پي ٽي آئي امپورٽيڊ پارٽي آهي. هاڻي هي ڏسڻو پوندو ته اھا ڪنهن مقصد جي امپورٽ ڪئي وئي ۽ ان پٺيان ڪير آهي. ھن چيو تہ ان لاءِ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته اھا ان معاملي تي سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري. ٻيلي کاتي واري صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپر چيو ته هي شخص نسل در نسل ڪرپٽ آهي. ان جو والد به پڻ ڪرپٽ هو. ان جو پٽ به ڪرپٽ نڪتو. عمران خان ٻاهرين ملڪن جي ايجنڊي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي . هي ٻاهرين ملڪن جو ايجنٽ آهي. ھن چيو تہ عمران خان را جو ايجنٽ آهي، ھاڻ ٻاهريون طاقتون چاهينديون ته هي شخص ملڪ مان نڪري وڃي. ان لاءِ فوري طور تي عمران خان جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ تحقيقات ٿيڻ گهرجي. سيڙپڪاري بابت خاص معاون سيد قاسم نويد چيو ته اسان جا شرم منجھان اسان جا سر شرم ۾ جھڪي ويا آهن تہ اسان جو اڳوڻو وزيراعظم مني لانڊرر نڪتو. جڏهن اسان ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ وينداسين ته ڇا جواب ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو