فيصل واوڊا جي نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي سيپٽمبر تائين ملتوي

فيصل واوڊا جي نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي سيپٽمبر تائين ملتوي

اسلام آباد(بيورو)سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل واوڊا جي نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي نثار کهڙي جي وڪيل جي عدم حاضري سبب ملتوي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا جي تاحيات نااهلي واري فيصلي خلاف داخل اپيل جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس نثار کهڙي جي وڪيل جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ سمورين ڌرين جي وڪيلن کي آرٽيڪل 62 ون ايف جي درخواست جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال حڪم جاري ڪندي چيو ته عدالت آڏو اهم سوال آرٽيڪل 62 ون ايف آهي، ڇا اليڪشن ڪميشن آرٽيڪل 62 ون ايف لاڳو ڪري سگهي ٿي؟ چيف جسٽس آف پاڪستان آرٽيڪل 62 ون ايف جي درخواست کي سنجيده مسئلو قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ فيصل واوڊا جي وڪيل جي اپيل تي جلد ٻڌڻي جي درخواست رد ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو