ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار فيروز خان پاران همراهن جا نمبر ليڪ ڪرڻ جو سبب سامهون اچي ويو آهي.ياسر حسين هڪ خانگي ٽي وي جي شو ۾ مهمان طور پيش ٿيو جتي ميزبان کانئس سوال ڪيو ته فيروز خان فنڪارن جا نمبر ۽ خانگي معلومات سوشل ميڊيا تي ڇو ليڪ ڪئي؟ان سوال جي جواب ۾ اداڪاره چيو ته فيروز ان ڳالهه جو بدلو وٺڻ لاءِ منهنجو نمبر ۽ خانگي معلومات ليڪ ڪئي ته منهنجي زال اقرا عزيز فيروز سان وڌيڪ ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.هنن چيو ته مون کي اڄ به ڪالز ۽ ميسيج اچي رهيا آهن جنهن ڪري مون کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.










