فوجي جاين تي حملن جي اڳ به مذمت ڪئي آهي: فواد چوڌري

فوجي جاين تي حملن جي اڳ به مذمت ڪئي آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اڳ به فوجي تنصیبات تي حملي جي مذمت ڪري چڪو آهيان.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين فواد چوڌري کان سوال پڇيا، جنهن ۾ هڪ صحافي سوال ڪيو ته ڪهڙو رويو آهي، ڪهڙو دٻاءُ لاڳو ڪيو پيو وڃي؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته ضمانت ٿيڻ ڏيو، پوءِ ڳالهه ڪنداسين.فواد چوڌري چيو ته فوجي جاين تي حملي جي اڳ به مذمت ڪئي وئي آهي، اسان جيل ۾ هئاسين، اسان کي گرفتار ڪيو ويو، خبر ناهي ٻاهر ڇا ٿيو.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته جيل ۾ اهم ملاقات ٿئي ها ته اهڙي صورتحال هجي ها؟ گرفتاري دوران ڪالهه گهرڀاتين سان رابطو ڪيو ويو، ڪيس هڪ مذاق آهي، کين هتان آزاد ڪيو ويندو ۽ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويندو، 8 هزار ماڻهو هن وقت جيلن ۾ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو