اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي حڪومت سينئر آرمي آفيسرن جي ملازمت ۾ واڌ جو اختيار وزيراعظم کي ڏيڻ لاءِ 1952 جي آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جو فيصلو ڪيو آهي. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته 2019 ۾ جڏهن موجوده آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ٽن سالن جي ملازمت ۾ واڌ جي جيڪا سمري منظور ڪئي هئي، ان ۾ سپريم ڪورٽ ڪافي قانوني نقصن جي نشاندهي ڪئي هئي. بعد ۾ تڙ تڪڙ ۾ ڪيل قانون سازي بعد به ان قانون ۾ ڪجهه نقص رهجي ويا هئا. ذريعن موجب جي ايڇ ڪيو سان مشاورت بعد دفاع واري وزارت ان ڏس ۾ سمري حڪومت کي موڪلي ڇڏي آهي. حڪومت قانون ۾ ترميم لاءِ جيڪا ڪميٽي ٺاهي آهي ان ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ مواصلات جي وزير مولانا اسد الرحمان کي به شامل ڪيو ويو آهي. هن ڪميٽي جو اجلاس 11 نومبر تي ٿيڻو هو پر اسحاق ڊار جي عدم موجودگي سبب اجلاس نه ٿي سگهيو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آرمي ايڪٽ جي شق 176 ۾ ترميم تجويز ڪئي وئي آهي ته لفظ ‘ري اپائنٽمينٽ’ واري لفظ بعد نئون لفظ ‘رٽينشن’ شامل ڪيو ويندو ۽ لفظ ‘رليز’ کان پوءِ نئون لفظ ‘رزائن’ شامل ڪيو ويندو. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته آرمي ايڪٽ جي مٿي ڄاڻايل شق سميت مختلف شقن ۾ تجويز ڪيل ترميمن بعد وزيراعظم دفاع واري وزارت جي سمري بعد هڪ عام نوٽيفڪيشن ذريعي آرمي چيف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي يا ڪنهن سينئر آفيسر جي ملازمت ۾ اڻڄاتل مدي تائين واڌ ڪري سگهندو يا رٽائر ٿيندڙ آفيسر کي ايندڙ حڪم تائين ڪم جاري رکڻ جو به حڪم ڏئي سگهندو. ياد رهي ته 29 نومبر تي موجوده آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا رٽائر ڪري رهيو آهي. جيڪو مختلف فارميشن جا الوداعي دورا ڪري رهيو آهي. فوج جو ترجمان ٻه ڀير واضح چئي چڪو آهي ته هو ملازمت ۾ واڌ نٿو چاهي ۽ نه ئي وٺندو. فوج جو هڪ سينئر ترين ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير، جنهن بابت ميڊيا ۾ سندس آرمي چيف ٿيڻ جو ذڪر به ٿيندو رهيو آهي اهو 27 نومبر تي رٽائر ٿي رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ هفتي جي آخر يا ايندڙ هفتي جي شروعات ۾ قانون سازي جو عمل مڪمل ٿي ويندو.










