اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پاڪ فوج جي 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون ڏنيون ويون آهن . جڏهن ته ڪراچي، ڪوئٽا، لاهور ۽ بهاولپور جي ڪور ڪمانڊر سميت جي ايڇ ڪيو ۾ اهم عهدن تي مقرريون به ڪيون ويون آهن. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته ترقي ماڻيندڙن ۾ اختر نواز، سردار حسن اظهر حيات، آصف غفور، سلمان فياض، سرفراز علي ۽ محمد علي شامل آهن. ميجر جنرل آصف غفور کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي.ميجر جنرل آصف غفور ان کان اڳ جي او سي اوڪاڙه مقرر هو.
آصف غفور انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز(آءِ ايس پي آر) جو ڊائريڪٽر جنرل به رهيو آهي. فوجي ترجمان موجب ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ماڻيندڙ آصف غفور کي جي ايڇ ڪيو ۾ ڪميونيڪيشن، انفرميشن ٽڪنالاجي جو انسپيڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن سردار حسن حيات کي ملٽري سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. ليفيٽننٽ جنرل سرفراز علي کي ڪوئٽا ۽ ليفٽيننٽ جنرل محمد علي کي ڪمانڊرآرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ (اي ايس ايف سي) مقرر ڪيو ويو آهي. ليفٽيننٽ جنرل محمد عبدالعزيز کي ڪور ڪمانڊر لاهور ۽ ليفٽيننٽ جنرل محمد وسيم اشرف ڪور ڪمانڊر ملتان، ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم ڪور ڪمانڊر ڪراچي ۽ ليفٽيننٽ جنرل خالد ضياءَ کي ڪور ڪمانڊر بهاولپور مقرر ڪيو ويو آهي.
لاهور جو ڪور ڪمانڊر حافظِ قرآن آهي. ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس، ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان کي انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ مقرر ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته جون ۾ نگار جوهر کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ملي هئي جيڪا ان عهدي تي پهچندڙ پهرين عورت آهي جنهن کي سرجن جنرل مقرر ڪيو ويو هو.










