پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس: عمران خان جي عبوري ضمانت منظور

پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس: عمران خان جي عبوري ضمانت منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان جي عبوري ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.عمران خان پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ سيشن ڪورٽ ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي، جنهن جي ٻڌڻي اسپيشل جج سينٽرل راجا آصف محمود ڪئي.عمران خان جي وڪيلن طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ايف آءِ اي کي کيس گرفتار ڪرڻ کان روڪيو وڃي.بعد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن تي عدالت عمران خان جي هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت عمران خان جي 31 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو