فلورڪراسنگ ڪندڙ ميمبر کي اسپيڪر نا اهل ڪندو

فلورڪراسنگ ڪندڙ ميمبر کي اسپيڪر نا اهل ڪندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته 18هين ترميم ۾ سمورين پارٽين هارس ٽريڊنگ روڪڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ اسپيڪر کي اختيار ڏنو هو ته هو قومي اسيمبلي جي ڪنهن به ميمبر کي نااهل ڪري سگهي ٿو جيڪو فلور ڪراسنگ ۾ ملوث هجي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته 23 کان 30 مارچ جو هفتو انتهائي اهم آهي، مان هميشه چوندو آهيان ته اپوزيشن پنهنجو شوق پورو ڪري، عمران خان جي فتح ٿيڻ واري آهي، 18هين ترميم ۾ سمورين سياسي پارٽين هارس ٽريڊنگ روڪڻ جو فيصلو ڪيو هو. هن چيو ته 18هين ترميم ۾ اسپيڪر کي هارس ٽريڊنگ روڪڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن، اسپيڪر جي اختيارن کي ڪير به چيلينج نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اپوزيشن کي بي اعتمادي لاءِ 172 ووٽ حاصل ڪرڻا پوندا، پي ٽي آءِ جا ڪارڪن خريد و فروخت ۾ ملوث ماڻهن جو سياسي گهيرو ڪندا. گهرو وزير چيو ته هن اپيل ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ جا سمورا ميمبر اسيمبليءَ جي ووٽنگ واري ڏينهن اسيمبلي مان ٻاهر هجن ۽ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪنداسين. شيخ رشيد چيو ته عمران خان ۽ احتساب جي خوف هنن ٽنهي کي گڏ ڪيو آهي، هي ٽيئي هڪ ٻئي جي خلاف هئا، اڄ جيڪي بوليون هلي رهيون آهن، مون کي يقين آهي ته اهي ٻوليون رد ڪيون وينديون ۽ هي ماڻهو عوامي ۽ سياسي گهيري ۾ آهن. ۽ احتساب جي دائري ۾ ايندا. هن چيو ته بلاول جي ريلي مايوس ڪندڙ هئي، جلسي ۾ پي پي وارن وڌيڪ سيڪيورٽي وارا هئا پر اسلام آباد اچڻ سندس لاءِ سٺي ڳالهه آهي. ڇو ته هنن عدم اعتماد جي تهريڪ پيس ڪئي جيڪا وزيراعظم لاءِ اطمينان جو سبب بڻبي.

پهنجو تبصرو موڪليو