لاس اينجلس (ويب ديسڪ) ڊوائن جانسن جيڪو‘دي راڪ’ جي نالي سان به مشهور آهي ، هو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ آمدني وارو مرد اداڪار بڻجي ويو آهي. هالي ووڊ جي هن مشهور ادا ڪار پهرين جون 2019 کان جون 2020 تائين 8پوڻا 9 ڪروڙ ڊالر ڪمايا آهن.هن اها رقم، فٽنس ڪلب، ڪپڙن جي برينڊ ڪلاٿنگ لائن ۽ راڪ پروجيڪٽ ذريعي اها رقم ڪمائي. ٽاپ ٽين اداڪارن 54 ڪرو 55 لک ڊالر ڪمايا آهن ۽ اها رقم نيٽ فلڪس جي چوٿين حصي جي ڪمائي کان ٿورو وڌيڪ بڻجي ٿي.

فوربز جي ٽاپ ٽين واري لسٽ ۾ بالي ووڊ جو واحد اداڪار اڪشي ڪمار شامل آهي جيڪو ڇهين نمبر تي آهي ۽ هن فلم انڊسٽري ٻين منصوبن مان 4 ڪروڙ 85 لک ڊالر هڪ سال ۾ ڪمايا آهن.










