ڪراچي(ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن پاران اسرائيل کي جنگ دوارن فلسطيني قيدين تي جنسي تشدد سبب بليڪ لسٽ ڪيو ويو آهي. الجزيره گڏيل قومن جي رپورٽ جا خاص نقطا پنهنجي رپورٽ ۾ پيش ڪيا آهن. جن ۾ چيو ويو آهي ته 2025ع ۾ “گڏيل قومن ڪيترائي اهڙا واقعا تصديق ڪيا جن ۾ تڪرار سان لاڳاپيل جنسي تشدد شامل هو، جنهن ۾ تشدد جي هڪ صورت طور، غزه جي پٽي ۽ ويسٽ بئنڪ مان 14 مردن، 7 عورتن، 9 ڇوڪرن ۽ 1 ڇوڪري خلاف زيادتي ڪئي وئي.”
رپورٽ ۾ چيو ويو: “انهن ڀڃڪڙين ۾ ريپ، جنهن ۾ شين جو استعمال به شامل هو، گينگ ريپ، ريپ جي ڪوشش، جسم جي نازڪ حصن تي جسماني تشدد، جنسي عضون تي نشانو بڻائي فائرنگ جا واقعا، سينن ۽ جنسي عضون کي ڇهڻ، ظاهري طور ڪنهن سيڪيورٽي جواز کان سواءِ اگهاڙو ڪرڻ ۽ جسماني تلاشي، ۽ ريپ جون ڌمڪيون شامل هيون۔”
رپورٽ موجب: “نو متاثرن خلاف ريپ ۽ گروهي زيادتي جا واقعا ٿيا، جن مان گهڻا غزه جا هئا، ۽ ڪجهه حالتن ۾ اهي بار بار ڪيا ويا.”
رپورٽ ۾ چيو ويو ته انهن واقعن جا ذميوار اسرائيلي فوجي ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جا اهلڪار هئا، ۽ اهي ظلم حراست، پڇا ڳاڇا ۽ مختلف جيلن يا سهولتن اندر ڪيا ويا۔
رپورٽ واضح ڪري ٿي ته فلسطيني شهري، جن ۾ صحافي ۽ انساني حقن جا محافظ به شامل آهن، اهي تشدد جو نشانو بڻيا۔ ڪجهه متاثرن کي وڊيو يا تصويرن ۾ پڻ رڪارڊ ڪيو ويو، جن ۾ هڪ ڪيس ريپ جو به شامل هو۔
عورتن کي ريپ جي ڌمڪين، زبردستي اگهاڙو ڪرڻ، غير گهربل ڇهاءُ ۽ تذليل ڪندڙ جسماني تلاشين کي منهن ڏيڻو پيو۔
مردن ۽ ڇوڪرن خلاف ريپ، ريپ جي ڪوشش ۽ سڌي طرح جنسي عضون تي تشدد جا واقعا ٿيا۔
گهٽ ۾ گهٽ پنج مرد متاثرن کي شديد ريڪٽل (ڳئين) خونريزي يا سوڄ جهڙا مسئلا ٿيا، جيڪي ڪڏهن ڏينهن ۽ ڪڏهن هفتن تائين جاري رهيا۔










