ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عدالت تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي کي ميڊيڪل بورڊ سامهون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو عمران خان جي گرفتاري تي احتجاج دوران وڳوڙن واري ڪيس ۾ فردوس شميم نقوي جي درخواست ضمانت تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي پي ٽي آئي اڳواڻ جي وڪيل عدالت ۾ موقف پيش ڪيو ته فردوس شميم نقوي ڪينسر سميت ٻين بيمارين ۾مبتلا آهي مناسب طبي سهولتون فراهم نه ٿيڻ سان سندس صحت کي خطرا آهن عدالت جيل سپرنٽنڊنٽ کي فردوس شميم نقوي کي ميڊيڪل بورڊ جي سامهون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته ميڊيڪل بورڊ فردوس شميم نقوي جي صحت جي حوالي سان معائنو ڪيو ۽ ان جي بيماري جي نوعيت تي راءِ ڏي عدالت ٻڌڻي 24 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










