بدين (ن س) نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي جي چيئرمين انعام عباسي پاران بدين ۾ نئون نياپو ڪتاب گھر جو افتتاح ڪرايو ويو. ڪتاب گهر جو افتتاح سنڌ جي ڀلوڙ شاعر فراق ھاليپوٽو ھٿان ڪرايو ويو نئون نياپو ڪتاب گھر بدين ۾ کوليو ويو آھي جنھن ۾ سنڌ جي سمورن پبلشرس جا ڪتاب پڻ ھاڻي ملي سگھندا. افتتاحي تقريب ۾ امر سومرو، عاجز انور لاشاري، تصور عيسيٰ ڀنڀرو، ابن ڪلھوڙو ، مير شھزاد ٽالپر، عزيز کوسو ، ماما عبدالمجيد، ثناءالله کٽي ۽ ٻيا علمي ادبي دوست پڻ شريڪ ٿيا. افتتاحي تقريب ۾ فراق ھاليپوٽو ڳالھائيندي چيو سنڌ کي ھن وقت ڪتابن جي شديد ضرورت آھي شعوري سنڌ کي مختلف مسئلن ۽ خطرن مان جئين ڪڍي سگھجي انعام عباسي جي ڪوشش انتھائي ساراھ جوڳي آھي اميد آھي ته لاڙ بدين ۾ اھڙا ڪتابي گھر جن جي سار سنڀال لھڻ ۽ ان سان وابستگي جو سلسلو پڻ جاري رکي نئين ڪتاب گھر جون رونقون بحال رکرائين. بدين ضلعي ۾ ھن نئون نياپو ڪتاب گھر بعد اميد اھا رکون ٿا ته بدين ضلعي جي سمورن تعلقن ۾ اھڙا علمي ادبي ڪتاب گھر کولرايا وڃن جئين ايندڙ وقت ۾ نئين نسلن جي بھتر رھنمائي ٿي سگھي.










