’فائيو جي‘ ٽيڪنالوجي لاءِ اسپيڪٽرم جي نيلامي

’فائيو جي‘ ٽيڪنالوجي لاءِ اسپيڪٽرم جي نيلامي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ملڪ ۾ فائيو جي ٽيڪنالاجي جاري ڪرڻ لاءِ 480 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم جي نيلامي اڱاري تي مڪمل ڪئي آهي۔ نيلامي ۾ ٽنهي ڪمپنين زونگ، جاز ۽ يو فون شرڪت ڪئي۔
هي اسپيڪٽرم 507 ملين ڊالر ۾ وڪرو ٿيو آهي ۽ حڪومت جو چوڻ آهي ته هن سال جي پڇاڙيءَ تائين ملڪ جي وڏن شهرن ۾ فائيو جي سروسز دستياب ٿي وينديون۔
نيلامي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي اي جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان ٻڌايو ته فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي ٽن دورن ۾ مڪمل ٿي ۽ ان دوران فائيو جي لاءِ دستياب 597 ميگا هرٽز مان 480 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم وڪرو ٿيو آهي۔
پي ٽي اي جي چيئرمين موجب ٻوليءَ دوران جاز مجموعي طور 190 ميگا هرٽز، يو فون 180 ميگا هرٽز ۽ زونگ 110 ميگا هرٽز جا اسپيڪٽرم خريد ڪيا آهن۔ پي ٽي اي موجب 700 ميگا هرٽز جا ٽي لائسنس، 2300 ميگا هرٽز جا سڀ لائسنس، 2600 ميگا هرٽز جا 19 لائسنس ۽ 3500 ميگا هرٽز جا 28 لائسنس نيلام ڪيا ويا آهن۔ هي سڀ لائسنس ٽيلي ڪام ڪمپنين کي 15 سالن لاءِ ڏنا ويندا۔
خريدار ڪمپني کي شروع ۾ ڪا به ادائيگي نه ڪرڻي پوندي پر انهن کي پهرين سال جي پڇاڙيءَ تي 50 سيڪڙو رقم ادا ڪرڻي پوندي جڏهن ته باقي 50 سيڪڙو رقم پنج قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي۔
تقريب ۾ شريڪ وفاقي وزير انفارميشن ٽيڪنالاجي شزہ فاطمه خواجہ چيو ته پاڪستان هاڻي فائيو جي ٽيڪنالوجي وارن ملڪن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويندو. هن سال جي آخر تائين اسلام آباد، لاہور، پشاور، ڪراچي ۽ ڪوئٽا ۾ فائيو جي دستياب ٿي ويندي۔
هن موقعي تي وزير خزانہ محمد اورنگزيب چيو ته ملڪ جي معاشي ترقي ۽ ڊجيٽل پاڪستان جي حصول لاءِ فائيو جي تمام ضروري آهي۔
پاڪستان ٽيلي ڪام ريگيوليٽري اٿارٽي طرفان نيلامي لاءِ جاري انفارميشن ميمورينڊم مطابق ملڪ ۾ 2035 تائين ٽن مختلف مرحلن ۾ فائيو جي لانچ ڪئي ويندي۔ نيلامي جي شرطن مطابق پهرين مرحلي ۾ ٽيلي ڪام ڪمپنين تي لازمي آهي ته اهي 2028 تائين ملڪ جي وڏن شهرن ۾ فائيو جي لانچ ڪن ۽ فور جي اسپيڊ کي به وڌائي گهٽ ۾ گهٽ 20 ايم بي تائين پهچائين۔
ماهرن جو چوڻ آهي ته اسپيڪٽرم لائسنس جي نيلاميءَ سان موبائيل فون سروسز فراهم ڪندڙ سيلولر ڪمپنيون ۽ انٽرنيٽ سروسز فراهم ڪندڙ وڌيڪ براڊ بينڊ ذريعي تيز سروس فراهم ڪنديون۔
پاڪستان ۾ انٽرنيٽ هاڻي ڇو سست آهي ۽ اهو تيز ڪيئن ٿيندو؟
پاڪستان ۾ انٽرنيٽ چاهي توهان موبائيل تي استعمال ڪريو يا گهر ۾ ڪيبل انٽرنيٽ ذريعي، ان لاءِ اهي ڪمپنيون 274 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم استعمال ڪن ٿيون يعني انٽرنيٽ ۽ ٽيلي ڪام جي سڀ ٽريفڪ هن ئي رستي تان گذري ٿي۔
اسپيڪٽرم مان مراد فضا ۾ موجود اهي رستا آهن جيڪي ڪمپنين کي استعمال ڪرڻ جي اجازت آهي۔ جيئن جيئن پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جو استعمال وڌيو آهي صارفين جي تعداد وڌڻ سان هن رستي يعني اسپيڪٽرم تي رش وڌي آهي ۽ اسان کي روزانو سست انٽرنيٽ، سگنل پورا نه ملڻ جهڙا مسئلا آهن.
ٽيلي ڪام انڊسٽري سان لاڳاپيل ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ جيڪو اسپيڪٽرم استعمال ٿي رهيو آهي اهو علائقي جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي يعني بنگلاديش جي حڪومت به 600 کان وڌيڪ اسپيڪٽرم استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي۔
انٽرنيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن يونين مطابق براڊ بينڊ انٽرنيٽ لاءِ 900 کان وڌيڪ ميگا هرٽز اسپيڪٽرم گهربل هوندو آهي پر پاڪستان ۾ حڪومت هن طرف ڌيان نه ڏنو آهي۔
انڊسٽري سان لاڳاپيل ماڻهو اسپيڪٽرم وڌڻ جي اعلان تي خوش ضرور آهن پر انهن جي خيال ۾ هن کي فائيو جي سان ڳنڍڻ ضروري ناهي۔
ڊجيٽل پاڪستان جو خواب، حقيقتون ۽ فائيو جي ٽيڪنالاجي
پاڪستان ۾ ڏهه سال اڳ فور جي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي وئي هئي ۽ هن وقت ملڪ ۾ فور جي ۽ ٿري جي ٽيڪنالاجي ٻئي موجود آهن پر علائقي جي ٻين ملڪن وانگر فائيو جي ٽيڪنالاجي دستياب ناهي۔
تازي سروي مطابق 70 سيڪڙو گهرن وٽ انٽرنيٽ جي سهولت آهي جڏهن ته ملڪ جا 57 سيڪڙو ماڻهو انٽرنيٽ استعمال ڪن ٿا۔
ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ فائيو جي استعمال ڪندڙ صارفين جو تعداد نه رڳو تمام گهٽ آهي بلڪه تمام گهٽ ماڻهو اهڙا موبائيل فون سيٽ يا انٽرنيٽ موڊيم خريد ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا جن تي فائيو جي ٽيڪنالاجي هلائي سگهجي۔
ماهرن موجب پاڪستان ۾ ٽيلي ڪام ڪمپنيون سخت ريگيوليشن ۽ انتهائي سخت مقابلي ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، ٽيلي ڪام سيڪٽر تي ٽيڪس ۽ پوءِ روپي جي قدر ۾ گهٽتائي سان انهن جا خرچ وڌي ويا آهن، اهڙي صورتحال ۾ فائيو جي جو شرط لاڳو ڪرڻ سان ٽيلي ڪام ڪمپنين تي وڌيڪ ٻوجھ پوندو۔
پاڪستان موبائيل آپريٽرز ايڊوائزري ڪائونسل جي هڪ محتاط اندازي مطابق پاڪستان ۾ رڳو ٻه سيڪڙو صارفين وٽ اهڙا آئي فون، سامسنگ يا مهانگا چائنيز ڪمپنين جا موبائيل فون آهن جن تي فائيو جي ٽيڪنالاجي هلائي سگهجي ٿي۔ 60 سيڪڙو صارفين وٽ ٽو جي وارا فون آهن.
ماهرن موجب فائيو جي جو وڌيڪ استعمال عام صارفين جي بدران وڏي پئماني تي انهن سيڪٽرن ۾ ٿيندو آهي جتي ريئل ٽائم تي ڊيٽا گڏ ڪيو وڃي ٿو، جهڙوڪ زرعي فارم، جانورن جا فارم جتي سينسرز ذريعي ڊيٽا گڏ ڪيو وڃي ٿو۔ هن مطابق ڪلاؤڊ يا ڊيٽا سينٽر پاڪستان ۾اڃا گهٽ آهن پر مستقبل ۾ وڌندا انڪري فائيو جي ٽيڪنالاجي جي اپ گريڊيشن ضروري آهي۔
حڪومت جو فائيو جي جو اصرار ۽ ڪمپنين جي هچڪچاهٽ
حڪومت ملڪ ۾ فائيو جي، جو پلان ته جاري ڪري ڇڏيو آهي پر سيلولر يا موبائيل فون سروسز فراهم ڪندڙ ڪمپنين جو چوڻ آهي ته فائيو جي ٽيڪنالاجي آڻڻ لاءِ ڪمپنين کي پنهنجي انفراسٽرڪچر کي اپڊيٽ ڪرڻو پوندو جنهن لاءِ انهن کي ٻين ملڪن کان مشينري آڻڻي پوندي، ۽ ٻئي طرف صارفين جي قوت خريد گهٽ هجڻ سبب مارڪيٽ ۾ ان جي ڊيمانڊ ناهي۔
انهن جو چوڻ آهي ته موبائيل ڪمپنين جي صارفين جي اڪثريت اها آهي جيڪي پري پيڊ پيڪيج خريد ڪن ٿا يعني ڪمپني جي آمدني جو وڌيڪ حصو پوسٽ پيڊ يا ماهوار بلنگ جي بدران پري پيڊ تي منحصر آهي۔ اهڙي صورتحال ۾ فائيو جي، جي ممڪنه صارفين جي تعداد گهٽ آهي۔
پاڪستان ۾ موبائيل فون استعمال ڪندڙن جو تعداد 19 ڪروڙ 25 لک آهي۔ پي ٽي اي مطابق 14 ڪروڙ 98 لک ماڻهن وٽ براڊ بينڊ انٽرنيٽ جي سهولت آهي پر وڏي تعداد ۾ صارفين هجڻ جي باوجود به ٽيلي ڪام انڊسٽري جو وڌيڪ انحصار گهٽ فون استعمال ڪندڙ پري پيڊ صارفين تي آهي۔ اهو ئي سبب آهي ته ٽيلي ڪام انڊسٽري جي في صارف اوسط آمدني يا ريونيو هڪ ڊالر آهي جيڪو علائقي جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ گهٽ آهي۔
ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٽيلي ڪام ڪمپنين جا رڳو 15 سيڪڙو موبائيل ٽاور فائبر آپٽڪ ڪيبل سان ڳنڍيل آهن جڏهن ته هي شرح انڊيا ۽ بنگلاديش ۾ وڌيڪ آهي۔ هن چيو ته تيز انٽرنيٽ سروس لاءِ پهرين اهي قدم کڻڻ ضروري آهن۔
پاڪستان ۾ اسپيڪٽرم وڌائڻ ۾ دير ڇو ٿي؟
پاڪستان ۾ اڳ به ڪيترائي ڀيرا حڪومت اسپيڪٽرم جي نيلامي ڪئي آهي پر وڌيڪ لائسنس فيس ۽ سخت ريگيوليشنز سبب ان نيلامين ۾ سيڙپڪارن دلچسپي گهٽ رهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ حڪومت ٽيلي ڪام سيڪٽر جي لائسنس کي حڪومتي آمدني وڌائڻ جو ذريعو سمجهي ٿي جڏهن ته انهن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي رسائي سان معيشت وڌي ٿي۔
پاڪستان ۾ ڪارپوريٽ سيڪٽر جي آمدني تي ٽيڪس جي شرح 29 سيڪڙو آهي ۽ گذريل ڪجهه عرصي دوران ٽيلي ڪام سيڪٽر جي لاڳت وڌڻ سان به ٽيلي ڪام آپريٽرز جي منافع تي فرق پيو آهي۔
حڪومت جو ڇا چوڻ آهي؟
انفرميشن ٽيڪنالوجي واري وزير جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ڊجيٽل ٽرانسفرميشن جي هدف کي سامھون رکندي حڪومت فائيو جي لانچ لاءِ آپريٽرز لاءِ لچڪدار ٽائم لائن ڏني آهي۔ هن چيو ته فائيو جي جڏهن ايندي ته صارف به وڌي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو