اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس فائز عيسيٰ سان ملاقات ڪئي.ذريعن موجب چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق لاهور ۾ هجڻ سبب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس فائز عيسيٰ سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي ملاقات هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي، ملاقات ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي نئين عمارت ۾ منتقل ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب ججن وچ ۾ ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي.جسٽس فائز عيسيٰ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي چانهه ۽ ڪافي سان توازو ڪئي وئي.










