ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن واري کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتين واري جاچ مڪمل ٿي وئي، هڪ کان 18هين گريڊ تائين جي 79 ملازمن ۽ آفيسرن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي، مڪاني ادارن واري کاتي 79 ملازمن ۽ آفيسرن جون نوڪريون شڪي ڄاڻائي کين عهدن تان هٽائي ڇڏيو، سروس پروفائيل طلب ڪيو ويو، هٽايل آفيسرن ۾ ڊي ايم سي ايسٽ جو 18هين گريڊ جو ڊائريڪٽر ڪائونسل منصور شيخ، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 18هين گريڊ جو محمد خان، ڊي ايم سي ويسٽ جو 17هين گريڊ جي بجيٽ آفيسر نويد عباسي کي هٽايو ويو، 14هين گريڊ جو ڳڙهي ياسين جو ٽائون آفيسر دريا خان، ڪنڌڪوٽ جو 16هين گريڊ جي ٽيڪسيشن آفيسر عبدالشڪور، گريڊ هڪ جي ملازم افتخار احمد کي هٽايو ويو آهي،مڪاني کاتي جي اختيارين ڄاڻايو آهي ته ڄاڻايل ملازمن ڇنڊڇاڻ دوران رڪارڊ پيش ڪرڻ سميت مطمئن ڪندڙ جواب جمع نه ڪرائي سگهيا آهن.










