مانجهند (ن سنڌيار) سن ندي ۾ غيرقانوني ريتي ڪڍڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو انسانن جيوت جي زندگين کي خطرو بااثر مافيا صحافين کي ڪوريج کان روڪي ڇڏيو سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون احتجاج تفصيل موجب سن ندي ۾ وڏي عرصي کان غير قانوني ريتي ڪڍڻ جو سلسلو بند نه ٿي سگهيو بااثر ريتي مافيا غيرقانوني طور سوين ايڪڙن تي کڏا هڻي هيوي مشينري ذريعي ريتي کوٽائڻ لڳي سرڪار آشرواد سان ريتي مافصا پوليس کاتي مائينز کاتي جهنگلي جيوت کاتي ٻيلي کاتي کي خاموش ڪرائي انساني ۽ جيوت جي زندگي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو ريتي جي کڏن ۾ ڪيتريون ئي ٻڪريون مينهون رڍون ڪري مري ويون آھن جڏھن ت ساڳين کڏن ۾ ٻ سال اڳ هڪ نينگر سميت 2 ڄڻا فوت پڻ ٿي چڪا آھن هزارن جي تعداد ۾َوڻ وڍرائڻ سبب پکين ۽ چوپائي مال جو سڪون برباد ٿي ويو آھي اهڙي عمل خلاف هتان جي سياسي سماجي ڌرين طرفان علي نواز ڪنڀر محمد ملوڪ ٿيٻو جي نگراني ۾ صحافين جي ٽيم سن ندي وٽ ڪوريج ڪرڻ پهتي ٿ بااثر ريتي مافيا جي ماڻھن صحافي امجد علي عمراڻي ساجد ملاح ۽ ٻين ڪوريج کان روڪي سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون جنهن خلاف صحافين سخت احتجاج ڪندي ريتي مافيا جي پير بخش کوسو خلاف سخت ڪاروائي جو مطالبو ڪيو










