لاهور(ويب ڊيسڪ) ڊفينس سي ايريا جي ٿاڻي جي اسٽيشن هائوس آفيسر (ايس ايڇ او) خلاف جمعي ڏينهن ڪيس داخل ڪيو ويو، ڇاڪاڻتہ هن مبينا طور ڌرمپوره ۾ لاڳاپيل مئجسٽريٽ جي سرڪاري رهائشگاهه ۾ زبردستي داخل ٿي، ٻن پرڏيهي عورتن جا بيان قلمبند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي چار جوابدارن هٿان مبينا اجتماعي زيادتي جو شڪار ٿيون هيون.
انهن ٻنهي پرڏيهي عورتن کي مبينا طور جوابدارن ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي (ڊي ايڇ اي) جي سي بلاڪ ۾ واقع هڪ گهر ۾ ڪرپٽو ڪرنسي جي ڪاروبار جو بهانو بڻائي گهرايو، اغوا ڪيو ۽ پوءِ ساڻن اجتماعي زيادتي ڪئي.
پوليس ذريعن موجب، اجتماعي زيادتي جو هي واقعو ان وقت انتهائي حساس بڻجي ويو، جڏهن هڪ پرڏيهي سفارتخاني انهن مان هڪ عورت جي حق ۾ مداخلت ڪئي. ان کان پوءِ ڊفينس سي جو ايس ايڇ او فرياد اشرف آفيس جي وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ لاڳاپيل مئجسٽريٽ جي سرڪاري رهائشگاهه تي پهتو، ته جيئن ضابطه فوجداري (CrPC) جي سيڪشن 164 تحت پرڏيهي عورتن جا لازمي بيان قلمبند ڪرايا وڃن.
ذريعن، ايف آءِ آر جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ايس ايڇ او مبينا طور مئجسٽريٽ جي رهائشگاهه ۾ زبردستي داخل ٿيو ۽ اهو موقف اختيار ڪيو ته معاملو انتهائي اهم ۽ حساس آهي، تنهن ڪري بيان فوري طور قلمبند ٿيڻ گهرجن.
ايف آءِ آر موجب، واقعي وقت ايس ايڇ او سان گڏ ٻه هٿياربند پوليس اهلڪار پڻ موجود هئا، جنهن سبب مئجسٽريٽ وڌيڪ ناراض ٿيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مئجسٽريٽ ايس ايڇ او جي نامناسب رويي بابت پوليس جي اعليٰ اختيارين کي شڪايت ڪئي، جن جاچ کان پوءِ عدالتي آفيسر کي هراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ سندس خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
هي ڪيس عدالتي رهائشگاهن جي نگران (ڪيئر ٽيڪر) جي شڪايت تي داخل ڪيو ويو. شڪايت ڪندڙ الزام هنيو ته رهائشگاهه ۾ زبردستي داخل ٿيندڙن عملي کي به سخت نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيون.
ذريعن موجب، ايس ايڇ او عدالتي آفيسر تي اهو به زور ڀريو ته هو فون تي پوليس جي سينيئر آفيسرن سان ڳالهائي، پر عدالتي آفيسر انڪار ڪندي ان عمل کي غيرقانوني قرار ڏنو.
ياد رهي ته رضا ڊار سميت 4 جوابدار گرفتار آهن جن جو پوليس 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ وٺي جاچ ڪري رهي آهي. رضا ڊار پاڻ کي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو ويجهو مائٽ ٻڌائي رهيو آهي.










