ٺٽو(ڊر)ٺٽي جي قديمي ڪوھستاني ڳوٺ گودڙ خان جاکرو جي وچ ۾ لڳل غير قانوني ڪريش پلانٽ وارن رھواسين جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آهي، ڪريش پلانٽ مان نڪرندڙ دز، مٽي، لٽ سبب اڪثر ماڻھون ساھ ۽ دم وارين بيمارين ۾ وڪوڙجڻ سان گڏ ڪريش پلانٽن پاران ٿيندڙ ڌماڪن سبب ھڪ طرف پڪين جائين، گھرن جي ديوارن ۾ ڏار پئجي ويا تہ ٻئي طرف چوپائي مال جا چراھ گاھ ۽ پاڻي لاء جوڙيل ننڍن ڊئمن کي به نقصان پھچائي، پاڻي جا لڳل بند به ٽوڙي ڇڏيا آهن، جنھن ڪري رھواسي نقصان سميت اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن، مقامي متاثر ڳوٺاڻن وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي، ته ڪريش پلانٽ ڳوٺ کان پري قائم ڪري ڳوٺاڻن کي مختلف بيمارين مان بچائي ٿيل نقصان جي ازالي سميت سندن چوپائي مال جا چراھ گاھ، پاڻي جا ننڍا ڊئم بچائي کين جيئڻ جو حق ڏنو وڃي. ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو..










