ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صنعتن جي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ رئوف صديقي سميت ٽن جوابدارن جي عبوري ضمانت کي ڪنفرم ڪرڻ بابت داخل درخواستن تي فيصلو 3 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. هنن تي سنڌ سمال انڊسٽريز ۾ غير قانوني ڀرتين بابت ريفرنس داخل آهي. سنڌ سمال انڊسٽريز ۾ غير قانوني ڀرتين جي ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي صوبائي وزير رئوف صديقي سميت 7 جوابدارن ضمانت تي آزاد آهن. سندن مٿان الزام آهي ته انهن 2008ع کان 2014ع تائين سنڌ سمال انڊسٽريز ۾ مختلف عهدن تي مبينه غير قانوني طريقي سان من پسند ماڻهن کي ڀرتي ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ قومي خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهتوهو.










