لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ جاري غير اعلانيه لوڊشيڊنگ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ متفرق درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
جوڊيشل ايڪٽيوزم پينل پاران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ متفرق درخواست داخل ڪئي وئي هئي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مهانگي بجلي جي باوجود شهري لوڊشيڊنگ کي منهن ڏئي رهيا آهن، شهرين کي بنا ڪنهن فرق جي بجلي فراهم نه ٿي رهي آهي، لوڊشيڊنگ سبب شهرين جا ڪاروبار متاثر ٿي رهيا آهن.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت شهرين کي بنا ڪنهن فرق جي بجلي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ۽ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري










