غوث بخش مهر پ پ ۾ شامل

غوث بخش مهر پ پ ۾ شامل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )چيف منسٽر سنڌ سيد مراد علي شاه، نثار کھڙو، منظور وساڻ ، شرجيل ميمڻ ، ناصر شاھ، محمد علي شيخ ، اعجاز جکراڻي ٻين جي ايم اين اي غوث بخش مھر جي ڪراچي واري پهتا،جي ڊي اي ايم اين اي غوث بخش خان مهر, اڳوڻي ضلعي ناظم عارف خان مهر ۽ ايم پي اي شھريار خان مهر طرفان پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ،ايم پي اي شھريار مھر ملڪ کان ٻاھر ھجڻ سبب گڏجاڻي ۾ شريڪ نه ھو ،محرم بعد وزير آباد ۾ جلسي ٿيندو ، جنھن ۾ پ پ قيادت به ايندي ، ذريعن موجب خانڳڙھ جي مھر سردارن جا معاملا اڃان طئي نه ٿي سگھيا، پ پ ۾ شموليت رڪيل آهي،پ پ قيادت ، خانڳڙھ جي مھر سردارن وچ ۾ ٻن صوبائي سيٽن جي گھر واري معاملي تي ڳالھيون ڊيڊ لاڪ جو شڪار آهن ، پ پ ذريعن جي دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجھ ڏينھن ۾ سردار علي گوھر مھر ، راجا خان مھر به پ پ ۾ شامل ٿي ويندو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه غوث بخش مھر جي رھائشگاھ آمد وقت ساڻس شڪارپور سان تعلق رکندڙ ڪوبه پ پ اڳواڻ ، آغا سراج دراني ، امتياز شيخ ، بابل خان ڀيو، ذوالفقار ڪماريو گڏ نه ھئا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو