ڳڙهي ياسين (شفيق مهر) ڳوٺ دودو ڏيٿو ۾ 3 ڏينھن اڳ رورل ھيلٿ سينٽر جي پوليو ويڪسينٽر پاران 4 مھينن جي نينگري مھڪ ڌيءَ غلام شبير پنھيار کي بيمارين کان بچاءَ جي مبينا غلط ويڪسين ڪرڻ شرط تيز بخار نڪرڻ سان گڏ جسم تي ڪارا داڳ ۽ ڳوڙها ٿي ويا اھڙي حالت ڏسڻ بعد وارثن نينگري کي فورن رورل ھيلٿ سينٽر دودو ڏيٿو آندو جتي ويٺل ڊاڪٽرن اِھو چئي واپس ڪري ڇڏيو ته ويڪسين سان بخار نڪرندو آھي پريشان نه ٿيو ٻن ڏينھن بعد نينگري فوت ٿي وئي. وارثن پاران معصوم نينگري جو لاش کڻي ڳڙھي ياسين اسپتال ۾ ويڪسينيٽر عمران علي اوڍو ۽ ٻئي عملي خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نينگري جي پيءُ غلام شبير پنھيار صحافين آڏو دانھيندي چيو ته معصوم نينگري منھنجي ھٿن ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي ويڪسينيٽر ۽ اسپتال عملي لاپرواھي ڪري مون سان وڏو ظلم ڪيو آھي ڊاڪٽرن ۽ ويڪسينيٽر خلاف ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.










