غزل صديق جي ٽي وي اسڪرين تي واپسي

غزل صديق جي ٽي وي اسڪرين تي واپسي

ڪراچي (شوبز نيوز) ماضي جي مشهور ڊرامي سيريل ”ماروي“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي اداڪاره غزل صديق جلد هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي وي اسڪرين تي نظر ايندي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بڪ تي هن ڊرامي جي سيٽ تان هڪ تصوير شيئر ڪندي رمضان ڊرامي ”چاند تارا“ سان ٽي وي اسڪرين تي واپسي جو اعلان ڪيو.واضح رهي ته ڊرامي سيريل ماروي ۾ مرڪزي ڪردار ماروي سان راتو رات شهرت حاصل ڪندڙ اداڪاره غزل صديق 12 سال ڪئناڊا ۾ گذارڻ کانپوءِ پاڪستان واپس پهچي وئي آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر شوبز انڊسٽري ۾ واپسي تي خوش آهي.ياد رهي ته غزل صديقي 90ع واري ڏهاڪي ۾ اداڪاري جي شروعات ڪئي هئي.هن اردو ڊرامن کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي ڊرامن ۾ به اداڪاري ڪئي آهي. ان کان علاوه هو ٿيٽر اسٽيج تي به پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي.ڪيريئر جي انتها تي شادي ڪرڻ کانپوءِ هن شوبز انڊسٽري ڇڏي 2008ع ۾ ڪئناڊا هلي وئي ۽ هاڻي 12 سالن کانپوءِ وطن واپس آئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو