باڊھ (ن سنڌيار)مظاهرو باڊھ غازي ڳوٺ تي هڪ ڀيرو ٻيهر پوليس ۽ بلڊر مافيا جي حملي ۽ اڳواڻن تي داخل ڪيس تي جسقپ اڳواڻ دودوديشي پاران سخت مذمت احتجاج , جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي پاران ٽائون هال کان قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ دودوديشي جي اڳواڻي حيدر چونڪ تائين احتجاجي مظاهرو جنهن ۾ منورنوناري سارنگ سومرو, وقار سنڌي, اصغر ساريو,اقبال کوکر ٻين سياسي سماجي اڳواڻ ۽ جسقپ ڪارڪنن جي شرڪت سخت نعرا بازي مظاهري ۾ ميڊيا سان دودوديشي ٻين ڳالهائيندي چيو ت ڪراچي جي غازي ڳوٺ جي نياڻين تي پوليس جي تشدد، فائرنگ ۽ شيلنگ وارو عمل انتهائي افسوسناڪ ۽ شرمناڪ عمل آهي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي , محبوب عباسي, ٻين داخل ڪوڙو ڪيس جي مزمت ڪئي۔ بلڊر مافيا سان گڏجي سنڌي وسندين کي وڪرو ڪري رهي آهي. ۽ ڳوٺن کي خالي ڪرائڻ جي لاءِ گهرن کي ڊاهڻ ۽ تشدد سان ڳوٺاڻن کي هيسايو پيو وڃي. غازي ڳوٺ جي نياڻين ۽ ڳوٺاڻن مٿان پوليس جيڪا روزانو وحشت برپا ڪري رهي آهي اهو هاڻي ناقابل برداشت آهي. انتظاميا جيڪڏهن اهو سلسلو بند نه ڪيو ته سڄي سنڌ جي اندر سخت احتجاج ڪيو ويندو.










