عورتن کي معاشي طور تي اڳڀرو ڪرڻ لاءِ آمريڪا رهندڙن سٺو قدم،هنر سيکارڻ لڳا

عورتن کي معاشي طور تي اڳڀرو ڪرڻ لاءِ آمريڪا رهندڙن سٺو قدم،هنر سيکارڻ لڳا

ڪراچي ( ن س) ڪراچي نادرن باء گلشن سيد ٽينٽ بستي ۾ عورتن کي معاشي طور تي اڳڀرو ڪرڻ لاء آمريڪا ۾ رهندڙ محمد اسحاق تونيو ۽ سندس گڏ رهندڙ سنڌين جي سهڪار سان روزگار نيٽ ورڪ جي نالي سان هنري سکيا ڏيڻ جو بندوبست ڪري عورتن کي هٿ واري هنر جي روزگار فراهم مهيا ڪرڻ لاء سکيا جو مرڪز قائم ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سلائي ڀرت ڪڙهائي جو ڪم عورتن کي سيکاري انهن کي معاوضو ڏئي کين مالي طور تي مستحڪم ڪيو ويندو هنري سکيا مرڪز تي عورتن کي گڏ ڪري ڪم ڪار ۽ سکيا جي حوالي آگاهي ڏني وئي ان موقعي تي محمد اسحاق تونيو طرفان موڪيل ٽيم جي نمائندن روزگار نيٽ ورڪ جي سارسنڀال ڪندڙ شاهه محمد چنا. هنري سکيا مرڪز جي ٽرينر سميرا تونيو. شبيران سولنگي .سائره ظهير کوسو گلشن سيد ٽينٽ بستي جي باني سيد احمد شاهه ڪاظمي .عتيق سومرو. ذاڪر ڪانڌڙو . عبدالحميد جويو. عبدالحميد ڇڇر ۽ ٻين سکيا مرڪز تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌي ماڻهو شاهوڪار هئا پر هن وقت برساتي ٻوڏ سبب سنڌي ماروئڙن جي هيڻا حال ٿي ويا آهن جن کي پنڻ بدران عزت ۽ وقار سان جيئڻ لاء آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين محمد اسحاق تونيو جي سرڀراهي ۾ هنري سکيا مرڪز مهيا ڪري ڏنو آهي جنهن مان ٻوڏ متاثر خاندان مستفيد ٿيندا سندن وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جا ماروئڙا ٻوڏ ۾ سڀ ڪجهه ختم ٿي وڃڻ بعد جڏهن ڪراچي پهتا ته انهن کي پوليس انتظاميه افغان بستي ڏانهن رخ ڪرايو هتي پهچڻ بعد انهن جي ڪا به پرگهور نه لڌي وئي حڪومت سنڌين ماڻهن کي افغانين کان به گهٽ حيثيت ڏئي بي يار مددگار ڇڏي ڏنو آهي جس هجي سيد احمد شاهه ڪاظمي کي جنهن متاثرن جي سهائتا ڪئي سندس سهڪار سان اڄ هتي رهندڙن لڳ ڀڳ 8 هزار خاندان کاڌ خوراڪ دوائن پيئڻ جي پاڻي جي سهولت سان گڏ کين روزگار جو موقعو فراهم ڪيو ويو آهي. سومر کان باقائده طور تي هنري سکيا مرڪز ۾ ڪم شروع ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو