خانپورمهر (آفتاب سيال) ڳوٺ شير مهر جا رهواسي 2نوجوان امان الله مهر ۽ الطاف مهر جيڪي 3 ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويا هئا تن جي اغوا جي تصديق ٿي چڪي آهي. نوجوانن جي وارثن ڳوٺ شيرو مهر واسي ڳوٺاڻن محمد اسماعيل، غلام مرتضي مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس پهچي احتجاج ڪيو . ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نوجوان امان ﷲ ۽ الطاف 3 ڏينهن اڳ گهوٽڪي ويا جنهن بعد سندن ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي گم ٿي ويل نوجوانن جا موبائل نمبر بند آهن، جنهن مان واضع آهي ته کين اغوا ڪيو ويو آهي. ڳوٺاڻن موجب نوجوانن جي گمشدگي جي رپورٽ گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته اسانجي نوجوانن کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي. پوليس مهر برادري جي ٻنھي گم ٿيل نوجوانن جي اغوا جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ٻئي نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي پاڻمرادو ويا آهن،جن کي ڪشمور ضلعي مان اغوا ڪيو ويو آهي، جن جا موبائل نمبر ٽريس ڪريون پيا جاچ هلي پئي، جلد اڳڀرائي ٿيندي.هوڏانهن غوثپور مان عبدالنبي ملڪ موجب پوليس مکواني پڪٽ ڀرسان ڪچي ڏانھن ويندڙ رستي تي چيڪنگ دوران ڪوئٽه واسي سيد علي شاه کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. پوليس جي ذريعن ٻڌايو ته ڪوئٽه واسي علي شاھ گوشت جو واپاري آھي جنھن کي ڏوھارين سستي اگهه تي ڍور وٺي ڏيڻ جو آسرو ڏئي فون ڪال تي گھرايو . پوليس سان رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او حسين بخش شاھاڻي ٻڌايو ته ڪچي ڏانھن ويندڙ رستي تي چيڪنگ دوران ڪوئٽه واسي کي ڏوھارين جي اغوا ٿيڻ کان بچايو آھي.










