لاهور(ويب ڊيسڪ) آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي عورتن سان بدسلوڪي جون پراڻيون تصويرون ۽ خبرون پکيڙيون پيون وڃن هن چيو ته گرفتار ڪيل عورتن کان ليڊيز پوليس کانسواءِ ٻئي ڪنهن به پڇاڳاڇا نه ڪئي آهي، عورتن سان بدسلوڪي جا ڪوڙا الزام هڻندڙن کي شرم اچڻ گهرجي آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪنهن هڪ عورت سان به زيادتي ٿي ته ان جا ذميوار اسان هونداسين ايس ايس پي انويسٽيگيشن ڊاڪٽر انوش چيو ته مان جيل ۾ وڃي عورتن سان ملاقات ڪئي آهي، مرد ان حصي ۾ داخل ئي نه ٿا ٿي سگهن جتي عورتون موجود آهن، خديجه شاهه کي دمي جو مرض آهي کيس دوائون ڏنيون ويون آهن










