عورت سان زيادتي ثابت نه ٿي جوابدار کي رهاڪرڻ جو حڪم

عورت سان زيادتي ثابت نه ٿي جوابدار کي رهاڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)عورت سان زيادتي جو الزام ثابت نه ٿيڻ تي جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت عورت سان زيادتي واري ڪيس ۾ جوابدار غلام عباس کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جوابدار غلام عباس جي ڊي اين اي رپورٽ موجب جنسي ڏاڍائي ثابت نه ٿي آهي.ٻڌڻي دوران متاثر عورت عدالت کي ٻڌايو ته هوءَ ٻارن جا ڪپڙا خريد ڪرڻ لاءِ وئي هئي، رڪشا ۾ واپس اچڻ دوران جوابدار کيس رڪشا مان ڪڍي پنهنجي ساٿين سميت زيادتي ڪئي.پوليس موجب جوابدار خلاف سپر هاءِ وي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.جوابدار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي موکل تي مخالفن پاران ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.جوابدار جي وڪيل چيو ته جوابدار کي 29 مئي 2022 تي مدعي جي نشاندهي تي گرفتار ڪيو ويو، عدالت جوابدار جي ميڊيڪل ۽ ڊي اين اي ٽيسٽ جو حڪم ڏنو.جوابدار جي وڪيل وڌيڪ چيو ته پوليس جوابدار ۽ مدعي جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي جنهن جي رپورٽ ناڪاري آئي.

پهنجو تبصرو موڪليو