لاهور(ويب ڊيسڪ)وومين ايشيا ڪپ ٽي 20 جي ٽئين ميچ ۾ پاڪستان ملائيشيا کي آساني سان 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.سلهٽ ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي ملائيشيا جي وومين ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 57 رنسون ٺاهيون، پاڪستان طرفان عمائمه سهيل 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.ميچ ۾ طوبيا حسن 2، ڊيانا بيگ ۽ سعديه اقبال هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.پاڪستان هدف آسانيءَ سان 9 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو، عميمه سهيل 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، منيبا علي 21 ۽ بسمه معروف 8 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.ملائيشيا طرفان ماهره اسماعيل هڪ وڪيٽ ورتي.










