شڪارپور(ڪاشف نواز ٻرڙو) شڪارپور جي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرز توڙي ڊاڪٽرياڻين جي مبينا لاپرواهي، عورت گائني وارڊ ٻاهران ٻار کي جنم ڏنو، سول اسپتال شڪارپور ۾ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي جو سلسلو جاري آهي، اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻيون نه ھجڻ سبب ٺاروپور رھواسڻ ثمينا زال نديم ناپر اسپتال جي گائني وارڊ ٻاهريان ٻار کي جنم ڏنو، عورت جي مڙس نديم ناپر الزام مڙهيندي چيو ته ڊاڪٽرن منهنجي زال کي ڳڻتي جوڳي حالت باوجود وارڊ ۾ داخل نه ڪيو، زال گائني وارڊ ٻاهران ٻار کي جنم ڏنو آهي، اسپتال جي ڊاڪٽرن توڙي ڊاڪٽرياڻين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي










