اسلام آباد(بيورو)صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل زندگي بچائيندڙ دوائن کي سستو ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي عبدالقادر پٽيل چيو ته زندگي بچائيندڙ دوائن جي قيمتن ۾ گهٽتائي پهرين ترجيح آهي جنهن لاءِ دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جا تفصيل گهربل آهن.هن چيو ته دوائن جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ ڪابينا ۽ وزيراعظم کان هدايت ورتي ويندي، هن چيو ته صحت هڪ اهڙو شعبو آهي جنهن تي ٽيڪس گهٽ ۾ گهٽ رکڻ گهرجي.صحت واري وزير چيو ته حڪومت غريبن کي سستو ۽ معياري علاج فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندي، واعدو ڪيو ته عوام کي زندگيون بچائيندڙ دوائون جلد دستياب ٿينديون.










