عوام اسلام آباد اچڻ لاءِ تيار رهي جلد سڏ ڏيندس:عمران خان

عوام اسلام آباد اچڻ لاءِ تيار رهي جلد سڏ ڏيندس:عمران خان

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان نه غلامي قبول ڪئي نه وري امپورٽڊ حڪومت کي قبول ڪنداسين، اسان پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي غلامي مان آزاد ڪرائڻ چاهيو پر موجوده حڪمران جوتا پالش ڪرڻ ۾ پورا آهن لاهور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مان آئنده جي حڪمت عملي ڏيندس ۽ هن حڪومت کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين، هي ڪرپٽ ٽولي جي حڪومت آهي عمران خان چيو ته مون تي الزام لڳندو آهي ته توشا خانه مان قيمتي تحفا کڻي ويس، الزام لڳائيندڙن جي زماني ۾ 15 سيڪڙُ حڪومت وٽ هو، اسان تحفن جي رقم جو 50 سيڪڙو حڪومت کي ڏنو، مون جيڪو به خريد ڪيو، ان جو رڪارڊ موجود آهي، تحفا کپائي روڊ ٺهرايو ان کان اڳ شاهه محمود قريشي، علي محمد خان، حماد اظهر، ميان اسلم، مراد سعيد، بابر اعواڻ، زرتاج گل، ياسمين راشد، فواد چوڌري، قاسم خان سوري، فرخ حبيب، اعجاز چوڌري، عثمان ڊار، اسد عمر، شفقت محمود ۽ شيخ رشيد جلسي کي خطاب ڪيو،عمران خان کي نقصان پهتو ته ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ٿيندي شيخ رشيد خطاب ڪندي چيو ته ماڻهو چوندا هئا ته سامراج 13 پارٽيون گڏ ڪري رهيو آهي، مان چوندو هئس سامراج جو پيءُ به 13 پارٽيون عمران خان خلاف گڏ نٿو ڪري سگهي هن چيو ته بلاول آصف زرداري کي صدر بڻائڻ لاءِ لنڊن ويو آهي، هي اهو آصف زرداري آهي جنهن پنهنجي گهر واري کي قتل ڪري هڪ جعلي دستاويز ذريعي رياست تي قبضو ڪيو، آصف زرداري مرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪرايو

پهنجو تبصرو موڪليو