هجيره (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ عمران خان ڪشمير جو سفير بڻجندي بڻجندي ڪلڀوشن جو وڪيل بڻجي ويو آهي. ڪٺ پتلي وزيراعظم جي ڊڪٽيشن تي نه هلنداسين، هاڻي ڪشمير جا فيصلا ڪشميري عوام ڪندو ۽ اسان عوام جو حڪم مڃينداسين، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪشمير جي چونڊ مهم دوران هجيره ۽ ڪوٽلي سميت مختلف جاين تي ميڙن کي خطاب ڪيو. پونچ ڊويزن جي ضلعي راولا ڪوٽ جي تعلقي هجيره ۾ بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندي چيو آهي ته عمران خان ڪشمير جو سفير ٿيڻ بدران ڪلڀوشن جو وڪيل بڻجي ويو، عمران خان چئي ٿو ته ڪنهن کي به اين آر او نه ڏيندو، هُو ڪلڀوشن کي اين آر او ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پيپلز پارٽي ڪلڀوشن کي اين آر او ڏيارڻ وري ڏوهه ۾ ساٿ نه ڏيندي، والاريل ڪشمير تي تاريخي حملو ٿيو ته عمران خان اسيمبلي ۾ چئي ٿو ته آئون ڇا ڪريان؟ عمران خان ڪشمير بابت واعدي تي به يوٽرن ورتو.

هن ڪوٽلي جي علائق تتا پاڻي جتان گرم پاڻي جو چشمو ڦُٽي ٿو، اتي به خطاب ڪيو. هن ان کان اڳ ڪوٽلي ۾ رهيان شريف ۾ بائوجي ميان الف الدين ۽ بائوجي ميان محمد قاسم جي درگاهه تي حاضري ڀري ڪشمير جي آزادي ۽ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي جي دعا گهري.

بلاول پارٽي جي ڪوٽلي ۾ ايل اي 10 جي چونڊ مهم جي آفيس جو افتتاح به ڪيو.











