راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته عمران خان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته سندس حڪومت ختم ڪرڻ ۽ مٿس حملا ڪرڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪو به هٿ ناهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري پرويز الاهي چيو ته عمران خان ڇا حاصل ڪيو اهو ايندڙ ڏينهن ۾ پڌرو ٿي ويندو.وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته پنجاب حڪومت تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪندي.










