لاهور(ويب ڊيسڪ)ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي ته عمران خان ڳالهين جي خلاف ناهي، حڪومت طرفان ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي رهي.سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته حڪومت ڏيڍ مهيني کان خاموش آهي، جيڪڏهن سياستدان ڳالهين لاءِ ويهڻ نٿا چاهين ته ڪيترا ڀيرا چوان؟ رياست جي صدر چيو ته ڳالهين کي ممڪن بڻائڻ لاءِ هن اهو به مطالبو ڪيو ته فوري چونڊن مان لفظ ”ارجنٽ“ هٽايو وڃي.عارف علوي وڌيڪ چيو ته پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان سان صوبي ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. گورنر جو چوڻ آهي ته هو اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيح ڪري ها ته تاريخ ڏئي ها.










