عمران خلاف 9 ڪيسن جي جاچ، طلبي نوٽيس جاري

عمران خلاف 9 ڪيسن جي جاچ، طلبي نوٽيس جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عمران خان خلاف 9 ڪيسن جي جاچ جي حوالي سان وفاقي پوليس جاچ لاءِ پيشي جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عمران خان خلاف اسلام آباد جي سي ٽي ڊي سميت 9 ٿاڻن ۾ ڪيس داخل آهن، وفاقي پوليس به عمران خان کي انهن ڪيسن ۾ جاچ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.ٻن ڪيسن ۾ کين 11 اپريل تي پوليس لائن هيڊ ڪوارٽر ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 7 ڪيسن ۾ کين 12 اپريل تي طلب ڪيو ويو آهي.انهن سمورن ڪيسن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ طلبي جا نوٽيس عمران خان جي زمان پارڪ لاهور واري رهائشگاهه تي موڪليا ويا آهن.وفاقي پوليس پاران جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کان جاچ ڪري پنهنجو موقف ڏنو وڃي، جيڪڏهن اهي پيش نه ٿيا ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو